احمد سلطان

احمد سلطان: احمد سلطان هڪ پهتل وليءُ الله سڏجي ٿو، جنهن جي نالي تي پراڻي بائيجي (پنوعاقل) ۾ وسيع عريض قبرستان آهي. جنهن جي ايراضي 70 ايڪڙ کن آهي. هتي ابراهيم شاهه ۽ احمد سلطان جا روضا آهن، جيڪي قديم فن اڏاوت جو نادر نمونو آهن. احمد سلطان ذات جو مهر هو، هڪ روايت آهي ته هي وڏو چور هو. هڪ دفعي شب قدر جي رات مينهن چوري ڪري اچي رهيو هو ته مٿس قادر جو ڪرم ٿيو ۽ ڪا ڏيکاري آيس. ان واقعي بعد هن جي زندگي ئي تبديل ٿي وئي. فقيري اختيار ڪري هتي ئي رهي پيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو.


لفظ احمد سلطانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو